اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڀا??ت ۾ 2014ع ۾ وزيراعظم نريندر مودي جي قيادت ۾ ڀا??تي جنتا پارٽي جي اقتدار ۾ اچڻ سان هيستائين مس??ما??ن لاءِ خطرن ۾ اضافو ٿيو آهي، مودي جو نظريو نسلي ۽ مذهبي نفرت جي مهم کانسواءِ ڪجهه نه آهي، ڀا??تي وزيراعظم جي هندوتوا ۽ فاشزم تي ٻڌل نظريا امن لاءِ خطرو آهن، ڀا??تي وزيراعظم کي سمجهڻ گهرجي ته ڀا??ت ۾ اقليتون مذهبي نفرت کان تحفظ ۽ مذهبي آزادي جو برابر حق رکن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀا??ت ۾ اسلامو فوبيه جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نريندر مودي فاشسٽ آر ايس ايس جي تربيت يافته هو جيڪو نسلي برتري جي نظريي تي يقين رکي ٿو ۽ هن مس??ما??ن ۾ خوف پکيڙي پنهنجو ووٽ بئنڪ ۾ وڏي پئماني تي اضافو ڪيو، هن چيو ته اسلامو فوبيا جو تصور هڪ مشڪل حقيقت رهيو آهي تنهن هوندي به تازو ئي ڀا??تي وزيراعظم نريندر مودي ان کي هڪ هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيو آهي جيڪو ان جي سياسي تسلسل جو آئنيدار آهي، 2014ع ۽ 2019ع ۾ چونڊن ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئي جي??وڻ??ڪ هو 2002ع ۾ گجرات فسادن ۾ اڻ ڳڻين مس??ما??ن جي وحشياڻي قتل جو ماسٽر مائينڊ هو، ان مان واضح طور تي ظاهر ٿئي ٿو ته ڀا??ت نام نهاد سيڪيولر رياست مان صرف هندو ملڪ بڻجڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي، هن چيو ته مودي کي اسلامو فوبيه بابت پنهنجي ناپاڪ ارادن تي سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي ۽ کيس عالمي امن کي داءُ تي نه لڳائڻ گهرجي.