اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اط??اع??ت ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسي?? دراني جي قيادت ۾ ڪشمير استحصال جي ڏهاڙي جي موقعي ??ي خيابان سهروردي روڊ تي اط??اع??ت ۽ نشريات واري وزارت ۽ ذيلي ادارن جي گڏيل ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي شرڪت ڪندڙ مودي سرڪار جي ظلمن ۽ ڪشميرين س??ن ڀرپور يڪجهتي جي عزم کي ورجايو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مناسبت سان خيابان سهروردي روڊ (زيرو پوائنٽ فلاءِ اوور) کان احتجاجي ريلي شروع ڪئي وئي جنهن جي قيادت اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اط??اع??ت ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسي?? دراني ڪئي. ريلي پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي آڏو ختم ٿي جتي ريلي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان عالمي برادري کي اهو باور ڪرائڻ چاهين ٿا ته ڪشمير جي ماڻهن تي جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان برپا آهي هندوستان کي ان جو حساب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته هندوستان بدمست هاٿي وانگر خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ توازن کي غيرمستحڪم ڪري رهيو آهي. عالمي برادري کي ان جو نوٽيس وٺڻو پوندو. هن چيو ته اڄ اسان ڪشمير جي مظلوم، معصوم ماڻهن س??ن ان عزم کي ورجايون ٿا ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام انهن س??ن گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان جي هن س??ي نگر ايڪسپريس وي جي منزل سرينگر آهي، اسان هن ايڪسپريس وي تان س??ينگر پهچي مظلوم ۽ معصوم ڪشميرين جي مدد ڪندي انهن کي ڀارتي ڌاڍ کان آزاد ڪرائينداسين، انشاءَ الله جلد ڪشميري آزادي جو ساهه کڻندا. هن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين تي جاري ظلمن جي خلاف آواز کي بلند ڪرڻ آهي ڇو ته عالمي برادري ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلمن ??ي خاموش آهي، ان منافقاڻي رويي سان عالمي امن کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جبري گمشدگيون، نوجوانن تي ظلم، پيلٽ گنز جو استعمال ۽ غيرقانوني فوجي گهيراءُ دنيا کي ڇو نظر نه اچي رهيو آهي، اڄ پاڪستاني 22 ڪروڙ عوام جو هڪ ئي موقف آهي ته ڀارت کي انهن سمورن ظلمن جو حساب ڏيڻو پوندو. ريلي ۾ اي پي پي جو ايم ڊي طارق محمود خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر شاهيره شاهد، ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، ڊي جي آءِ پي سهيل علي خان، ڊي جي ڊيمپ سعيد جاويد، ڊي جي اي پي عمرانه وزير سميت اط??اع??ت ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي ادارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن س??ن تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.