اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز تي زور ڏنو آهي ته اهو تحقيق جي دائري ۾ سگهه تي خاص ڌيان ڏيندي پنهنجي هدفن جو نئين سر تعين ڪري، جڏهن ته تحقيق جي شعبي ۾ ئي علائقائي ۽ عالمي ادارن ?? ٿنڪ ٽي??ڪس سان رابطي ۽ تعاون کي پڻ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر اهي هدايتون انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي وقتي صدر ند??م رياض پاران ايوان صدر ۾ اداري جي ڪردار بابت ڏني ويندڙ پريزنٽيشن دوران جاري ڪيون. ند??م رياض انساني وسيلن جي ترقي ۽ تحقيقي پبيليڪيشنز جي حوالي سان اداري جي خدمتن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته وڏي انگ ۾ ا??ڪا??رز، ريسرچرز ۽ شاگردن انسٽيٽيوٽ جي پليٽ فارم تان فائدو کنيو آهي.