اسلام آباد – 24 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ج?? صدارت هيٺ اڄ اربع ڏينهن ٽپهري ٽي وڳي ٿيندڙ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسڪائپ گروپ جوڙيو ويو آهي، ترجمان قومي اسيمبلي موجب پارلياماني اڳواڻ اسلام آباد ۾ پنهنج?? عدم موجودگي جي صورت ۾ اسڪائپ گروپ جي ذر??عي اجلاس ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهن ٿا.