اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرونا وائرس کان بچاءُ بابت عوامي آگاهي لاءِ ??يا??ي پارٽين ۽ ميڊيا جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته نوجوان مشڪل وقت ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ تيار ٿي وڃن، ڊاڪٽر ان جدوجهد ۾ ا??ان جو هر اول دستو آ??ن، مون کي پورو يقين آهي ته قوم ان آزمائش ?? وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرندي، ڪرونا وائرس کان بچاءُ ۽ ان باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته ڪرونا وائرس ??ان ا??ان کي انفرادي ۽ اجتماعي طور تي وڙهڻو آهي، ان مقصد جي لاءِ هن پنهنجي پاران اختيار ڪيل احتياطي تدبيرن جي باري ۾ به آگاهي ڏني ۽ چيو ته ملڻ جُلڻ ?? احتياط ڪيو پنهنجي هٿن ۽ منهن جي صفائي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.