اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قا??داعظم محمدعلي جناح ناممڪن کي ممڪن بڻايو، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان کي پيارو وطن پاڪستان مليو، قا??داعظم گهڻين صلاحيتن جو مالڪ هو جيڪو اتحاد، انصاف ۽ مساوات تي گهرو يقين رکندو هو، پاڪستاني جي حيثيت سان اسان جو فرض آهي ته اسان پنهنجي قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب قا??داعظم محمدعلي جناح جي 148هين جنم ڏڻ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? ته اڄ اسان پاڪستان جي باني جو 148هون جنم ڏڻ ملهائي رهيا آهيون ۽ ان جي غير معمولي بصيرت، پُختي اِرادي ۽ همت ۽ بي مثال عزم جي ياد تاز?? ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته قا??داعظم اهو ڪري ڏيکاريو جنهن کي ڪيترائي ماڻهو ناممڪن سمجهندا هئا، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان جو وطن پاڪستان وجود ۾ آيو، قا??داعظم نادر صلاحيتن جو مالڪ ۽ اتحاد، انصاف ۽ مساوات تي پختو يقين رکندو هو. هن چي?? ته سندس زندگي اڻ ڳڻ ماڻهن کي هڪ روشن خيال استاد، بصيرت رکندڙ وڪيل، اصولي ۽ ثابت قدم سياستدان ۽ ڪرشماتي اڳواڻ طور تي متاثر ڪندي آئي آهي. قا??داعظم جي جدوجهد جو سفر يقين جي طاقت ۽ محنت ۽ لڳن ذريعي خوابن جي تعبير جو ثبوت آهي. قا??داعظم هڪ ڀيرو چيو ه?? ته ”ناڪامي مون لاءِ اڻڄاڻ لفظ آهي.“ پنهنجي لفظن مطابق هن پنهنجي عزم جي پيروي ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي هڪ قوم بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان لاءِ سندس حتمي مقصد جي حاصل ڪرڻ آڏو عنوانن ۽ تعريف جي حيثيت ثانوي آهي. هن چي?? ته قا??داعظم هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو جتي بنا ڪنهن فرق جي مذهب ۽ نسل هر شهري عزت، آزادي ۽ مساوي جي موقعن سان زندگي بسر ڪري سگهن. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان لاءِ سندس ويزن شموليت، اتحاد ۽ خوشحالي جو هو. جڏهن اسان سندس سالگره جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته اچو قا??داعظم جي ميراث مان سبق حاصل ڪريون ۽ انهن قدرن لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪريون جن لاءِ قا??داعظم جدوجهد ڪئي. پاڪستاني طور اسان جو اهو فرض آهي ته اسان پنهنجي قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪريون.