اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستاني ??وم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي منظور ٿيل فنڊز ۽ هلال احمر سميت رجسٽرڊ تنظيم?? کي دل کولي روڪ ۽ شين جو عطيو ڏنو وڃي، ٻوڏ متاثرين جي مڪمل بحالي تائين انهن جي تڪليف?? کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏ??ند??سين، ٺوس حڪمت عملي ۽ منصوبي تحت ٻوڏ متاثرين تائين منظم ۽ شفاف طريقي سان امداد پهچائي وڃي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن نوشهره، خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ ريليف ڪئمپس جي دوري جي موقعي تي ڪيو. صدر امان ڳڙهه، نوشهره ۽ رسالپور ڊگري ڪاليج ۾ قائم امدادي ڪئمپن جو پڻ دورو ڪيو. صدر کي ضلعي انتظاميا ۽ پاڪ فضائيه پاران نوشهره جي علائقي ۾ ٻوڏ متاثرين جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن بابت بريفنگ ڏني ??ئي. پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان، رسالپور جي دوري تي صدر کي پاڪ فضائيه جي ڪوششن بابت پڻ بريفنگ ڏني ??ئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پي اي ايف اڪيڊمي ڪئمپ ۾ 2000 کان وڌيڪ آءِ ڊي پيز کي خوراڪ، دوائون ۽ رهائش فراهم ڪئي وئي، پي اي ايف ميڊيڪل ڪئمپن ۾ سڄي پاڪستان ۾ 250000 کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو، ٻوڏ متاثرين ۾ 175000 خشڪ راشن بيگ 7 1000 کان وڌيڪ خيما ورهايا ويا. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر پاڪستاني ??وم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ دل کولي عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته حڪومت جي منظور ٿيل فنڊز ۽ هلال احمر سميت رجسٽرڊ تنظيم?? کي دل کولي روڪ ۽ شين جو عطيو ڏنو وڃي، قوم ٻوڏ متاثرين جي ڏکن جو ا??الو ڪرڻ جي لاءِ وڌي چڙهي حصو وجهي. هن چيو ته مٽن مائٽ?? کي وڃائيندڙ ۽ نقصان برداشت ڪندڙ متاثري?? کي فوري معاوضي جي فراهمي جي ضرورت آهي. صدر چيو ته 7 لک کان وڌيڪ چوپائي مال جي نقصان ۽ 20 لک ايڪڙ زمين کان وڌيڪ فصلن جو نقصان هڪ وڏي آبادي کي پنهنجي ذريعي معاش کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، سڄي ملڪ ۾ 10 لک کان وڌيڪ گهر?? کي پهچندڙ نقصان لکين ماڻه?? کي بي گهر ڪري ڇڏيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته قوم آزمائش ۾ ٻوڏ متاثري?? کي اڪيلو نه ڇڏيندي، ٻوڏ متاثرين جي مڪمل بحالي تائين انهن جي تڪليف?? کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏ??ند??سين. هن چيو ته ٺوس حڪمت عملي ۽ منصوبي تحت ٻوڏ متاثرين تائين منظم ۽ شفاف طريقي سان امداد پهچائي وڃي. صدر چيو ته ملڪ ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ ڊيلي ايڪشن ڊيمن جي تعمير جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جو عالمي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ تمام گهٽ حصو آهي، پاڪستان سڄي دنيا ۾ ڪاربن اخراج جي نتيجي ۾ گلوبل وارمنگ جي ڪري ايندڙ سپر فلڊ جو شڪار آهي، عالمي برادري ۽ پاڪستاني عوام جي گڏيل ذميواري آهي ته اهي ماحولياتي تبديلي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪن. صدر اسلام آباد ۽ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ پاڪستان حڪومت پاران شروع ڪيل گڏيل اپيل جي توثيق ڪئي. صدر سڄي ملڪ ۾ 350 ٻارن سميت 1100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ ۽ 1900 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪيو. صدر ٻوڏ متاثرين جي تڪليف?? کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سول انتظاميا ۽ پاڪ فوج جي ڪوشش?? کي ساراهيو.