اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب جهل مگسي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ??رگاهن مان امن ۽ محبت جو پيغام ملندو آهي، درگاهن کي نشانو بڻائيندڙ مسلمان نٿا ٿي سگهن، بلوچستان ۾ معصوم جانين جو رت وهائڻ وارا پاڪستان جا دشمن آهن جيڪي ملڪ جي ترقي جو رستو روڪڻ چاهين ٿا. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته ??هشتگردن جا حملا قوم جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، پاڪستان جي عوام اتحا??، يڪجهتي ۽ قرباني جي لازوال جذبي سا?? دهشتگردن جو مقابلو ڪندي رهندي.