اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ مخصوص محفوظ زون المواسي تي اسرائيلي ق??بض فوج جي ف??ائ?? حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 40 شهري شهيد ٿي ويا آهن، اسرائيلي ق??بض فوج پاران بي گهر ماڻهن جي لاءِ پاڻ ان جڳهه کي محفوظ زون قرار ڏئي ان تي حملو ڪرڻ عالمي انساني ق??نون جي واضح خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته خان يونس ۾ قتل عام انساني ??ندگي جي بي توقيري ۽ فلسطيني ??وام جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته هڪ مخصوص محفوظ زون ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني ق??نون جي سنگين خلاف ورزي کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ انساني همدرديءَ جي علائقن جي تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي ق??بض فوج کي فلسطيني ??وام جي خلاف نسل ڪشيءَ جي مهم جاري رکڻ کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابده بڻائي.