اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي پارلياماني مسئلن جي حل، آئين ۽ رولز آف بزنس جي حوالي سان 16 ميمبرن تي ٻڌل خصوصي ڪم??ٽي ٺاهڻ جي رٿ منظوري ڪري ورتي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارلياماني مسئلن جي حل، آئين ۽ رولز آف بزنس جي حوالي سان ??ميٽي جوڙڻ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن کي ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير ان موقعي تي ٻڌايو ته ڪم??ٽي ۾ ناڻي و??ري وزارت، حڪومتي ۽ مخالف بئنچن جا ميمبرز ۽ پارلياماني معاملن وارو وزير شامل هوندا، اسپيڪر کي ڪم??ٽي ۾ تبديلي ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو، ڪم??ٽي پنهنجي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي.