اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خيرات جو عالمي ڏينھن خميس 5 سيپٽمبر تي ملھايو ويندو. ھر سال سڄي دنيا ۾ خيرات ۽ عطيي سان ماڻھن جون حياتيون بچائڻ ۽ بھتري آڻڻ، بيمارين خلاف جھا??، ٻار?? جي تحفظ ۽ ھزارين ماڻھن کي اميد ڏيڻ ۾ مدد ملندي آھي. عطيي جي اھميت کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن 2012ع ۾ اھو ڏينھن عالمي سطح تي ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ھو جنھن بعد ھر سال باقاعدگي سان اھو ڏينھن ملھايو ويندو آھي. ھن ڏينھن کي 5 سيپٽمبر تي ملھائڻ جو ھڪ مقصد اهو ب?? آهي ته اهو مڌر ٽريسا جو 5 سپٽمبر تي وفات جو ڏينھن پڻ آھي. جنھن پنھنجي سڄي ڄمار خير جي ڪمن لاءِ وقف ڪئي ھئي. ھن ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد مختلف خير??تي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ آھي. عالمي ڏينھ?? جي موقعي تي مختلف تقريبون منعقد ٿيڻ ذريعي خير??تي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ ماڻھن کي شامل ڪرڻ جي ترغيب ۽ آگاھي سميت سڄي دنيا ۾ خير??تي ڪم?? جي مسئلن کي نمايا ڪيو ويندو آ??ي ته جيئن اسرندڙ ملڪن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ھنن ڪمن کي وڌ کان وڌ هٿي ڏئي سگهجي. ھڪ تحقيق مطابق هر ملڪ خاص ڪري اثرندڙ ملڪن کي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي صورتحال سبب غربت جھڙين چيلنجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي. اھو ئي سبب آ??ي ته گڏيل قوم?? جي سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ويو آ??ي ته اهي خير??تي تنظيمن ۽ ماڻھ?? جي ڪوششن ۾ پنھنجو حصو وجھن ته جيئن غربت جي عالمي مسئلن کي منھن ڏنو وڃي.