راولپنڊي- 20 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان زمين کان زمين تي مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائيل شاهين – ??و جو ڪامياب تجربو ڪيو. ان جو مقصد فوجي جٿن جي تربيت، مختلف فني رخن جي تصديق ۽ مختلف ذيلي نظامن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ هو. آء?? ايس پي آر موجب ان تجربي جو مشاهدو اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي سينئر آفيسرن، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ جي آفيسرن ۽ اسٽريٽجڪ تنظيمن جي سائن??دا??ن ۽ انجنيئرن ڪيو. اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن واري ڊائريڪٽر جن??ل ان سنگ ميل کي حاصل ڪرڻ ۾ سائن??دا??ن جي فني مهارت، لگن ۽ عزم کي ساراهيو. صدر، وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس ان ڪاميابي تي سائن??دا??ن ۽ انجنيئرن کي مبارڪون ڏنيون.