اسلام آباد -11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اوڀر غزه ۾ الطبين اسڪول ??ي اسرائيل حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ 100 کان وڌيڪ شهري فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي آف??س طرفان جاري بيان ۾ ترجمان ??يو ته بي گهر ماڻهن کي پناهه ڏيندڙ هڪ پناهگيرن سان ??ريل اسڪول تي حملو، خاص طور ت?? جڏهن اهي فجر جي نماز ادا ڪري رهيا هئا، اهو افسوسناڪ، غير ا??سا??ي ۽ بزدلاڻو عمل آهي. شهري آبادين ۽ ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ عالمي ا??سا??ي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ترجمان زور ڀريو ته اسرائيل کي غزه م انهن جنگي ڏوهن ۽ نسل ڪشي جي واقعن تي جوابده هئڻ گهرجي. ترجمان ??يو ته اسان عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن ۽ اسرائيل جي حامين کان مطالبو ڪيون ٿا ته غزه جي نسل ڪشي جي خاتمي ۽ غزه جي عوام جي تحفظ لاءِ فوري قدم کڻن.