اسلام آباد -27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ضلع ڪرم ۾ دهشتگردن جي پوليس ٿ??ڻي تي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيل فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي اهلڪار کي خراج عقيدت ۽ بلند درجن جي دعا ڪئي ۽ شهيد جي ڪٽنب سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪن??ي چيو ته اهڙي طرح جون بزدلاڻيون ڪارروائيون دهشتگردي خ??اف اسان جي پختي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.