اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف ڪڙي شموزئي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳوٺاڻي صحت مرڪز تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوص??ا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ ٻن ٻارن، ٻن عورت ه??لٿ ورڪرز، چوڪيدار ۽ جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن نائب صوبيدار محمد فاروق ۽ سپاهي محمد ??اويد اقبال جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو آهي. وزيراعظم شهيدن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ??اء?? صبر جميل جي دعا ڪندي چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪري سُک جو ساهه کڻنداسين، پاڪستان مان دهشتگردي جي خاتمي ??اء?? پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورتن تي حملو ڪندڙ بزدل دهشتگرد عنصرن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوص??ا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.