راولپنڊي -17 جولاءِ (اي پي پي) بنون ڇانوڻي تي 15 جولاءِ تي دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهادت جي عظيم رتبي تي پهتل پاڪ فوج جي جوانن کي پوري فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق ان واقعي ۾ ??ائ?? صوبيدار محمد شهزاد ش??يد (عمر 44 سال، رهائش ضلع پونڇ آزاد ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين ش??يد (عمر 39 سال، رهائش ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد احمد ش??يد (عمر 28 سال، رهائش ضلع نيلم آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان ش??يد (عمر 30 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد ش??يد (عمر 22 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي امتياز خان ش??يد (عمر 30 سال، رهائش ضلع ڪرڪ)، سپاهي ا??سل??ن اسلم ش??يد (عمر 26 سال، رهائش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي ش??يد (عمر 34 سال، رهائش لڪي مروت) کي پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازه نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مادر وطن مان دهشتگردي جي لعنت ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي. شهيدن جون هي عظيم ق??بانيون ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه وينديون.