دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوشنبي ايئرپورٽ تي تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده، توانائي ۽ پاڻي وسيلن واري تاجڪ وزير دلير جمعه، تاجڪ پرڏيهي نائب وزير فرخ شريف زاده، دوشنبي جي ميئر جمشيد تبرزاده ۽ پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير يوسف شريف زاده، تاجڪستان ۾ پاڪستان جي سفير محمد سعيد سرور ۽ اعليٰ سر??ار?? ۽ س??ار??ي عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
دوشنبي ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪ هم منصب قاهر رسول زاده ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف دوشنبي ۾ اس??اع??ل ساماني جي يادگار پهتو ۽ اتي گل رکيا. اس??اع??ل ساماني وچ ايشيا جي ??ار??خي شخصيت ۽ تاجڪستان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي ??ار??خي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو.