اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت وز??راعظم جي منظوري سان عائشه رضا فاروق کي اعزازي طور تي وز??راعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سندس مقرري فوري طور تي ڪئي پئي وڃي. عائشه رضا فاروق وز??راعظم کي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ تازه ترين صورتحال کان باقاعدگي سان آگاهه ڪندي جڏهن ته صوبائي، ضلعي ۽ ??فا??ي سطح تي نيشنل ايمرجنسي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ ??فا??ي حڪومت پاران قدم کڻڻ بابت وز??راعظم کي مشاورت پڻ فراهم ڪندي. عائشه رضا فاروق پوليو تدارڪ جي حوالي سان قومي ٽاسڪ فورس جي باقاعده ميٽنگ منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي ۽ پوليو جي خاتمي جي مهمن جي نگراني سان گڏوگڏ سمورين ڌرين بشمول عالمي حصيدارن کي رهنمائي فراهم ڪندي ته جيئن مهم جي ڪوريج کي بهتر بڻائي سگهجي. عائشه رضا فاروق پوليو تدارڪ پروگرام جي مرڪزي سطح تي سمورين سرگرمين جي رهنمائي ڪندي. ماهوار ۽ هفتيوار نيشنل اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاسن جي صدارت ڪندي. پوليو تدارڪ جي حوالي سان نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر سان گڏجي قومي ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. عالمي ترقياتي حصيدارن ۽ ٻين عطيو ڏيندڙ تنظيمن سان پوليو تدارڪ جي لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون منعقد ڪندي ۽ نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت سان ويجهي رابطي ۾ ڪم ڪندي ۽ پوليو بابت مسئلن جي خاتمي لاءِ وقت سر ۽ موثر ڪردار ادا ڪندي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت مٿي ڄاڻايل ٽي او آرز تحت سندس مقرري جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.