اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ بهتر ٽرانسپورٽ نظام سان واپاري، اقتصادي ۽ سياحتي سرگرمين کي فروغ ملندو، هر قسم جي موسمي ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر سان مسلسل ۽ قابل اعتماد چرپر يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي، گلگت بلتستان کي هڪ ترقي يافته ۽ خوشحال خطو ڏسڻ منهنجي زندگي جومشن ۽ خواب آهي، گلگت بلتستان پوري ملڪ جي ترقي جي انجڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وف?? سان ڳالهائي رهيو هو. وف?? صدر کي گلگت بلتستان جي ماڻهن کي درپيش مسئلن بابت ٻڌايو. صدر چيو ته گلگت بلتستان ۾ هر موسم جو روڊ انفراسٽرڪچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي. صدر گلگت بلتستان ۾ ترقياتي سرگرمين کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڪارڊيالوجي اسپتال ۽ نرسنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا، اسڪردو ۽ گلگت جي وچ ۾ هر قسم جي موسم جي رستن ۽ سرنگهن جي تعمير سان ڪ??روبار جي لاءِ پهچ ۽ چرپر ۾ بهتري ايندي، گلگت بلتستان ۾ بهتر ٽرانسپورٽ نظام سان سامان جي چرپر، رابطن ۾ اضافو ??ين??و. هن چيو ته بهتر ٽرانسپورٽ سان صحت، تعليم ۽ روزگار جي موقعن جهڙين خدمتن تائين ماڻهن جي پهچ ۾ پڻ اضافو ??ين??و، صدر گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ جي لاءِ گلگت جي هوائي اڏي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي صحت جي شعبي ۾ قدمن سان ماڻهن کي چانئٺ تي صحت جون اعليٰ معياري خدمتون فراهم ڪري سگهبيون، گلگت بلتستان صحت ۽ تعليمي سهولتن جي فراهمي سماجي ۽ اقتصادي ترقي، خوشحالي جي لاءِ لازمي آهي، گلگت بلتستان ۾ سياحت سميت اقتصادي ترقي ۽ واپاري سرگرمين جا وسيع امڪان آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي هائيڊرو اليڪٽرڪ صلاحيت کي مقامي ۽ قومي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. وف?? سياحت، اقتصادي سرگرمين جي فروغ، بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي ترقي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وف?? جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلين جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. وف?? صدر کي گلگت بلتستان جي ماحولياتي مسئلن بابت پڻ ٻڌايو. وف?? ٻڌايو ته ٻيلن جي فروغ خاص طور تي اخروٽ جي وڻن جي وڻڪاري سان ڳرندڙ گليشيئرز کي بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر وف?? کي گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.