اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سان گهرو معاملن، منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرپرسن سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ بجلي چوري جي روڪٿام جي حوالي سان فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) کي ڏنل ٽاسڪ جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ش??با?? شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گهرو وزارت، منشيات جي خاتمي واري وزارت، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي معاملن، ملڪي سيڪيورٽي ۽ مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم ش??با?? شريف کي ايف آءِ اي ۽ نيش??ل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جي تجويز ڪيل سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ پلان تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي چوري جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا نرمي نه ڪئي وڃي.