اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت چئني صوبن بشمول خيبرپختونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه جي و??ي وزير علي امين گنڊاپور سان ڳ??لهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي خيبرپختونخواهه جي و??ي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته چار ئي صوبا وفاق جون اڪائيون آهن، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. خيبرپختونخواهه جي و??ي وزير علي امين گنڊاپور وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي خيبرپختونخواهه جا سمورا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان کي گڏجي ويهي س??ور?? مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو، اسان جي س??ور??ن گڏيل ڪوششن ۾ عوامي ڀلائي اولين ترجيح هوندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت چئني صوبن بشمول خيبرپختونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي. خيبرپختونخواهه جي و??ي وزير پڻ ان عزم جو اظهار ڪيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت سٺي نيت سان اڳتي و??ڻ چاهي ٿي ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ رياستي ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير امير مقام ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.