اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪ??ڪڙ گم ٿيل بلوچ ماڻهن جي ڪيس ۾ عدالتي حڪم جي تعميل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل شاگردن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي نگران گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز خان ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان منصور عثمان اعواڻ پڻ موجود هئا. ٻڌڻي دوران نگران وزيراعظم چيو ??ه حڪومت آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ??ه بلوچستان سان تعلق هجڻ جي ڪري مون کي صوبي ۾ ان صورتحال بابت وڌيڪ ڄاڻ آهي. اتي ماڻهن کي هٿياربند مزاحمت درپيش آهي. نگران وزيراعظم چيو ??ه بلوچستان ۾ غيررياستي عنصرن جون سرگرميون پڻ سامهون آيون آهن. هن چيو ??ه بلوچستان جي هڪ اڳوڻي چيف جسٽس جيڪو هڪ انڪوائري جي سربراهي ڪري رهيو هو، کي عسڪريت پسندن شهيد ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ??ه بلوچستان کي ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي درپيش آهي. هن زور ڏنو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه سمو??ين سياسي پارٽين کي گڏجي ان مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ??ه آئين سمورن شه??ين جي حفاظت کي يقيني بڻائي ٿو ۽ انهن کي رياست سان غيرمشروط وفاداري جو مظاهرو ڪرڻ جو پابند پڻ ڪري ٿو. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته عدالت ٻن سالن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جون ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ڪيون ۽ نشاندهي ڪئي ته گرفتا??ين کي رڪارڊ تي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو ڪريڊٽ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن ڏانهن وڃي ٿو. اٽارني جنرل پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ??ه وڌيڪ 11 شاگرد بازياب ٿي چڪا آهن. انهن جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ 9 ماڻهو ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي تحويل ۾ هئا ۽ ٻه ماڻهو افغانستان هليا ويا هئا. عدالت عملدارن کي هدايت ڪئي ته سي ٽي ڊي جي تحويل ۾ موجود ماڻهن جي خلاف ڪيسن جا تفصيل درخواستگذار کي فراهم ڪيا وڃن.