اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت نجي ڪاروبا??ي ??عبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ رو??گا?? جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪ??ي ??هي آهي، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسين جي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي رو??گا?? جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان سفر کي جا??ي ??کندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي ??يان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽر نعمان وزير جي قيادت ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ سينيٽر نعمان وزير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر جميل احمد، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ پاڪستان ايسوسيئيشن آف لارج اسٽيل پروڊيوسرز جا عهديدار ۽ خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ ٻين شعبن جا صنعتڪار پڻ موجود هئا. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر عرصي ۾ پاڪستان جي معيشت جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا، حڪومت پنهنجي پاليسين جي ذريعي نجي ڪاروبا??ي ??عبي کي ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ رو??گا?? جي فراهمي لاءِ سهولت فراهم ڪ??ي ??هي اهي، نگران حڪومت ڪاروبار جي لاءِ موزون ماحول، نجي شعبي کي ملڪي ترقي ۾ ڪردار جي لاءِ سهولت ۽ ٽيڪس آمدني ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا، نگران حڪومت نجي شعبي جي سهولت ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ خصوصي سيڙپڪا??ي ??هولت ڪائونسل تحت قدم کن??ا جن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن، اميد آهي ايندڙ چونڊيل حڪومت پاليسين جي تسلسل سان ملڪ ۾ صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان ماڻهن کي رو??گا?? جا موقعا ۽ مجموعي معاشي ترقي جي ان سفر کي جا??ي ??کندي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن جي لاءِ ناڻي واري نگران وفاقي وزير، ايف بي آر چيئرمين ۽ سمورن لاڳاپيل عملدارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڪاروبا??ي ??رادري ۽ سيڙپڪارن پاڪستان جو مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو، توهان ماڻهو اهڙا صنعتڪار آهيو جن مشڪل حالتن ۾ پاڪستان ۾ اعتماد کي بحال رکيو ۽ معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي اسٽيل جي صنعت سان واڳيل سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايف بي آر سڌارن ۽ خصوصي سيڙپڪا??ي ??هولت ڪائونسل قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ هي سيڙپڪا??ي ??و بهترين موقعو آهي، پاڪستان ۾ اسٽيل جي صنعت سان واڳيل ڪمپنين کي ملڪ ۾ ڪچي لوهه جي نئين ذخيرن جي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن نگران حڪومت جي ملڪ ۾ سيڙپڪا??ي ??ي لاءِ سهولت، صنعتڪارن جي مسئلن جي حل، ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ ملڪي معيشت جي بحالي جي لاءِ قدمن تي نگران وزيراعظم ۽ نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اسٽيل ۽ ٽامي جي وڏي پئماني جي صنعت جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اسٽيل ۽ ٽامي جو شعبو پاڪستان جو چوٿون وڏو برآمدي شعبو آهي جنهن گذريل مالي ??ال ۾ رڳو ٽامي جي روانگي واپار جو ڪاٿو 1.35 ارب ڊالر رهيو، پاڪستان ۾ اسٽيل جي سالياني في ڪس کپت 40 ڪلوگرام آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان شعبي ۾ ترقي جي وسيع صلاحيت موجود آهي، پاڪستان جي اسٽيل صنعت مان ٽيڪس جو ساليانو ڪاٿو 400 ارب رپيا آهي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ٽامي جي صنعت سان ملڪ ۾ هزارن جي انگ ۾ رو??گا?? جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. شرڪت ڪندڙن نگران حڪومت جي اسٽيل جي اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو جن سان ملڪ جي صنعت کي ڀرپور فائدو پهتو. ملاقات ۾ اسٽيل جي صنعت جي مسئلن ۽ انهن جي حل جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. نگران وزيراعظم ايف بي آر ۽ لاڳاپيل وزارتن کي انهن تجويزن تي غور ڪ??ي ??نهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.