اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پنهنجي نمائندن جي چونڊ ??وا?? جو حق آهي، اسان ??وا?? سان گڏبيٺل آهيون، اليڪشن ۾ فيصلو ??وا?? ڪندي، سمورن خدشن ۽ افواهن کي پٺتي رکندي چونڊون ٿي رهيون آهن، چونڊن جي مرحلي تائين پهچندي ڪيترائي مسئلا درپيش هئا پر ڪنهن به سبب جي ڪري اسان جو حوصلو ڪمزور نه ٿيو، پاڪستان جي ??وا?? دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي آهي، ڪير به اسان کي پنهنجي ان جمهوري عمل کان نه ٿو هٽائي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي انتظام هيٺ اليڪشن 2024ع جي ڪوريج جي لاءِ ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي س??ن ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي خدشا هئا، سمورن خدشن ۽ افواهن کي پٺتي رکندي چونڊون منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته گذريل سال منهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ مون کان پهريون سوال ئي چونڊن بابت ڪيو ويو هو، ان وقت به اهو ئي چيو هو ته هي ملڪ آئيني جمهوريت تحت قائم آهي، آئيني وفاقي پارلياماني نظام اسان جي سياسي نظام جو بنياد آهي، اليڪشن ڪميشن جيڪا تاريخي ڏيندي، ان تحت ئي چونڊون ٿينديون. هن چيو ته جڏهن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿيو ته اس??ن مستقل مزاجي سان 8 فيبروري 2024ع تي چونڊون منعقد ڪرڻ جي موقف تي قائم رهياسين. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگ??ان وفاقي وزير چيو ته سڀاڻي صبح جو پولنگ شروع ٿيندي ۽ رات جو چونڊن جي غيرسرڪاري نتيجن جو اعلان شروع ٿي ويندو جڏهن ته حتمي ۽ سرڪاري نتيجا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جاري ڪندي. نگ??ان وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي مرحلي تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي مسئلا درپيش هئا پر ڪنهن به سبب جي ڪري اسان جو حوصلو ڪمزور نه ٿيو. نگ??ان وفاقي وزير چيو ته لاڳاپيل ادارا تصديق ٿيل خبرون ??وا?? تائين پهچائيندا. هن چيو ته سيڪيورٽي جي مسئلن کي پهريون ڀيرو منهن نه ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان جي ??وا?? دهشتگردي جي خلاف ڊگهي جنگ وڙهي آهي، ڪير به اسان کي پنهنجي ان جمهوري عمل کان هٽائي نه سگهندو. هن چيو ته 2008ع ۽ 2013ع ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ خراب هئي، دهشتگردي جا ڪجهه واقعا ڪنهن طور به اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ ??وا?? جي حوصلن کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ميڊيا ڪوآرڊينيشن ايينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ بهترين انتظام ڪيا و??ا آهن جتي صحافين جي ضرورتن جو خيال رکيو ويندو. هن چيو ته ميڊيا ??وا?? جي ڄاڻڻ جي حق جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اسان هر طرح سان انهن جي مدد ڪندسين. هن چيو ته چونڊن ۾ هاڻي ڪجهه ڪلاڪ باقي آهن، ??وا?? جو حق آهي ته اهي پنهنجا نمائندا چونڊين، اسان ??وا?? سان گڏ بيٺل آهيون، اليڪشن ۾ فيصلو پاڪستان جي ??وا?? کي ڪرڻو آهي.