اسلام آباد- 15 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا ??ي اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪي – اليڪٽرڪ ۽ حڪومت پاڪستان جي ادارن وچ ۾ ٽي ڊي اي، آءِ ??ي اي، پي ٽي اي اي ۽ ثالثي جي معاهدن تي صحيح ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇ??ي. ??ي سي سي جو اجلاس ناڻي بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن شاهد اشرف تا??ڙ، فواد حسن فواد، محمد علي، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر وقار مسعود، وفاقي سيڪري??ري?? ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ سان ٽي ڊي اي، آءِ ??ي اي، پي ٽي اي اي ۽ ثالثي جي معاهدن جي مسودي جي منظوري بابت سمري پيش ڪئي وئي. توانائي واري وزارت جي عملدارن ڪميٽي کي اي سي سي جي ميمبرن جي مشاهدن تي بريفنگ ڏني ۽ سي پي پي اي جي بابت اضافي ڄاڻ ڏني. تفصيلي بحث ۽ غور کانپوءِ ڪميٽي ڪي اليڪٽرڪ ۽ حڪومت پاڪستان جي ادارن وچ ۾ ٽي ڊي اي، آءِ ??ي اي، پي ٽي اي اي ۽ ثالثي جي معاهدن تي صحيح ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي پاور ڊويزن کي ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ اضافي بابت منصوبي جي باري ۾ ڪابينا ??ي توانائي بابت ڪميٽي کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي چيو ته منصوبي ۾ بجلي جي قيمت کي گهٽ ڪرڻ ۽ سبسڊيز تي توجه ڏني وڃي.