اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??مو??ن لاڳاپيل ادارن کي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي قيمت تي ??اڻ جي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ??اڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو، صوبائي سرحدن تي ??اڻ جي چرپر ??ي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ??اڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ ۾ يوريا ??اڻ جي طلب ۽ پهچ ۽ قيمت تي هنگامي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن ڊاڪٽر شمشاد اختر، ڪيپٽن (ر) شاهد اشرف تارڙ، ڊاڪٽر ڪوثر عبدالمالڪ، محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ چئني ??وب?? جي چيف سيڪريٽريز شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ??اڻ جي تازي پيداوار، طلب ۽ آبادگارن کي فراهمي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ يوريا جي پيداوار ۽ اسٽاڪ ڪڻڪ جي تازي فصل جي لاءِ ڪافي آهي جڏهن ته بفر اسٽاڪ جي لاءِ 2 لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا درآمد ڪئي پئي وڃي جنهن جي پهرين کيپ ايندڙ هفتي تائين پاڪستان پهچي ويندي. اجلاس ۾ چئني ??وب?? جي چيف سيڪريٽريز ضلعي انتظاميا پاران آبادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهن تي ??اڻ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??وب?? پاران سبسڊي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??مو??ن ??وب?? جي ڪابينا ۾ ??مو??يو?? جلد منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون. اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي يوريا ??اڻ جي حڪومتي رعايتي اگهن تي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ضلعي انتظاميا ??اڻ جي ذخيره اندوزن جي خلاف فوري ڪارروائي ۽ ذميوارن ??ي نشاندهي ڪري قرار واقعي سزا يقيني بڻائي، ??اڻ جي ذخيره اندوزي سان آبادگارن جو استحصال ڪندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته يوريا ??اڻ تي حڪومتي سبسڊي آبادگارن جيڪي ان جا صحيح مستحق آهن، انهن تائين پهچائي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته ترجيحي بنيادن تي يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهي فوري طور تي پيش ڪئي وڃي، صنعت واري وزارت ۽ غذائي تحفظ واري وزارت صوبائي حڪومتن کي يوريا ??اڻ جي پيداوار ۽ پهچ جا انگ اکر فراهم ڪري ??اڻ جي ذخيره اندوزي کي روڪڻ جي لاءِ ڪاررواين ۾ معاونت يقيني بڻائي، صوبائي سرحدن تي ??اڻ جي چرپر ??ي نگراني ڪئي وڃي ۽ اها ??اڻ جيڪا صوبائي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ هجي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃي. هن هدايت ڪئي ته ??مو??ا لاڳاپيل ادارا ??اڻ جي آبادگارن کي حڪومتي رعايتي اگهه تي فراهمي يقيني بڻائي رپورٽ سڀاڻي اڱاري ڏينهن تائين پيش ڪن. نگران وزيراعظم چيو ته يوريا ??اڻ تي سبسڊي جو بار ??مو??ا صوبا پنهنجي پنهنجي کپت جي تناسب سان کڻن، فصل جي پوکائي دوران يوريا ??اڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ??وب?? ۽ لاڳاپيل صنعت سان مشاورت سان هڪ ٺوس فريم ورڪ جوڙي پيش ڪيو وڃي.