ابوظهبي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا هر آزمائش تي پورو لٿا آهن، هنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اسريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿا آهن. هن پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم اقتصادي ۽ مالياتي شعبي ۾ گڏ??ل عرب امارات پاران پاڪستان جي لاءِ ڀرپور تعاون تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته گڏ??ل عرب امارات 1.8 ملين پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات دوران والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان خصوصي طور تي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم عالمي قانون ۽ گڏ??ل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 28 جي لاءِ يو اي اي جي صدارت جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ سميت ماحولياتي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اهم شعبن ۾ موثر ۽ نتيجاخيز عالمي قدمن طرف بامعنيٰ اڳڀرائي جي موقعي جي طور تي ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏ??ل عرب امارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز پروجيڪٽس، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، معدنيات ۽ بئنڪنگ اينڊ فنانشل س??وس?? جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون بابت مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جو مشاهدو ڪيو. انهن مفاهمت جي ياداشتن سان گڏ??ل عرب امارات جي پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي راهه هموار ٿيندي ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت مختلف قدمن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نگران وزيراعظم مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن کي هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو جنهن سان پاڪ گڏ??ل عرب امارات اقتصادي حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿيندي.