اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جمهوريه مالديپ جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر محمد معيزو جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مالديپ پهچي ويو. ڊاڪٽر معيزو 30 سيپٽمبر 2023ع تي مالديپ جي صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو هو. مالديپ اچڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير جو مالديپ جي نامزد پرڏيهي وزير موسيٰ ضمير، پرڏيهي وزارت واري ايڊيشنل سيڪريٽري ??رزانه ظاهر، مالديپ جي سينيئر عملدارن ۽ پاڪستان هاءِ ڪمشنر وائيس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني ويلانا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو. پاڪستان ۽ مالد??پ ٻه مسلمان ڀائر ملڪ آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. مالديپ جي صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير جي شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ م??جو?? ويجهي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ??ي. پنهنجي دوري دوران اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وارو ??گران وفاقي وزير پنهنجي مصروفيتن کانسواءِ جمهوريه مالديپ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪندو.