اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي ٽن ضلعن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته عالمن، استادن، والدين سميت سمورين ڌرين کي پوليو جي خاتمي جي آگاهي مهم ۾ شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ نيشنل ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم ??جلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پوليو جي ملڪ مان مڪمل خاتمي لاءِ معاشري جي هر طبقي کي ان قومي فرض ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ملڪ جي ٻارن جي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل جي لاءِ هر ڪنهن کي ان مقدس مشن جو حصو ب??جڻو پوندو. هن هدايت ڪئي ته عالمن، استادن، والدين ۽ سمورين ڌرين کي پوليو جي خاتمي جي آگاهي مهم جو حصو ب??ايو وڃي. نگران وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پوليو جي خاتمي جي مهم دوران پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ پوليو جي ڪيسز ۾ نمايان گهٽتائي آئي ??هي پر ملڪ مان ان موذي مرض جي پاڙ کان خاتمي ت??ئي?? اسان پنهنجي ڀرپور ڪوشش جاري رکنداسين، قوم جي لاءِ سڀ کان وڏو خوشي جو ڏينهن اهو هوندو جڏهن ملڪ جو هر ٻار ان خطرناڪ مرض کان مڪمل طور تي محفوظ هوندو، اها مڃيل حقيقت ??هي ته سمورن عالمن بشمول امام ڪعبه پڻ پوليو کان بچاءُ جي ڦڙن کي بلڪل محفوظ ۽ ٻارن جي معذوري کان پاڪ مستقبل جي لاءِ انتهائي ضروري قرار ڏنو آهي. نگران وزيراعظم ملڪ جي ٽن ضلعن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته جن ضلعن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي اطلاع ??هي اتي خصوصي پوليو جي خاتمي جي مهم هلائي وڃي. هن چيو ته پوليو وائرس جي خلاف جنگ اسان جي مستقبل جي بقاءَ جي جنگ ??هي جنهن کي اسان کي هر قيمت تي کٽڻو پوندو. نگران وزيراعظم پوليو جي خاتمي جي قومي پروگرام ۾ وڌي چڙهي شرڪت ڪرڻ ۽ اهم تعاون تي سمورن عالمي حصيدارن جا ٿورا مڃيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2022ع ۾ ملڪ ۾ رپورٽ ٿيل 20 ڪيسز جي مقابلي ۾ هلندڙ سال اڃا ت??ئي?? رڳو ٻه ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جنهن جو وڏو سبب قومي سطح تي پوليو جي خاتمي جي مهم جو تسلسل ۽ حڪومتي سطح تي ڪوششون آهن. نگران وزيراعظم ??حت واري وزارت، نيشنل ٽاسڪ فورس، صوبائي حڪومت ۽ انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس کي صوبائي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽريز پوليو جي صوبن ۾ موجوده صورتحال ۽ حڪومتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پوليو کان بلڪل پاڪ ??هي جڏهن ته هلندڙ سال خيبرپختونخواهه ۾ هيست??ئي?? رڳو بنون ۾ ٻه ڪيسز جي نشاندهي ٿي آهي. اجلاس ۾ صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان، نيشنل ٽاسڪ فورس جي اعليٰ عملدارن، چئني صوبن جي نگران وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.