اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي ??اء?? عام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي نالي خط ۾ چيو آهي ته صد?? 9 آگسٽ تي وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي کي تحليل ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 48 (5) تحت صد?? جو اختيار آهي ته قومي اسيمبلي جون عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي ??اء??، تحليل جي تاريخ کان 90 ڏينهن جي اندر جي تاريخ مقرر ڪري. هن چيو ته آرٽيڪل 48 (5) موجب قومي اسيمبلي جي ??اء?? عام چونڊون قومي اسيمبلي جي تحليل جي تاريخ جي 89 هين ڏينهن يعني سومر 6 نومبر 2023ع تي ٿيڻ گهرجن. صدر چيو ته آئيني ذميواري پوري ڪرڻ جي ??اء?? چيف اليڪشن ڪمشنر کي ملاقات جي ??اء?? گهرايو ويو ته جيئن آئين ۽ ان جي حڪم کي لاڳو ڪرڻ جو طريقو جوڙي سگهجي، چيف اليڪشن ڪمشن?? جواب ۾ ابتڙ موقف اختيار ڪيو ته آئين جي اسڪيم ۽ فريم ورڪ موجب اهو اليڪشن ڪميشن جو ا??تيار آهي. صدر پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو آهي ته آگسٽ ۾ آدمشماري جي اشاعت کانپوءِ تڪبندين جو عمل پڻ جاري آهي ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5) ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 17 تحت اها هڪ لازمي شرط آهي. هن چيو ته قانون ۽ انصاف واري وزارت به اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ج??ڙي راءِ رکي ٿي، چئني صوبائي حڪومتن جو خيال آهي ته چونڊن جي تاريخ جو ا??لان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو مينڊيٽ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وفاق کي مضبوط بڻائڻ، صوبن جي وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي جي فروغ ۽ غيرضروري خرچن کان بچڻ جي ??اء?? قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ تي اتفاق آهي. صدر چيو ته اليڪشن ڪميشن ذميوار آهي ته اها آزاداڻي ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرڻ جي ??اء?? آرٽيڪل 51، 218، 219، 220 ۽ اليڪشنز ايڪٽ 2017ع تحت طئي ٿيل سمورن آئيني ۽ قانوني قدمن جي پابندي ڪري. صدر چيو ته سمورن نقطن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن آئين جي لاڳاپيل شقن تحت صوبائي حڪومتن ۽ سياسي پارٽين سان مشاورت ۽ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته ڪجهه معاملا اڳ ۾ ئي ٻڌڻي هيٺ آهن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ڪرائڻ جي ??اء?? اعليٰ عدليه کان رهنمائي حاصل ڪري.