اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. نگران پرڏيهي وزير ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائ?? ايم ايم) جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪامن ويلٿ ايونٽ جي قيادت ڪري رهيو آ??ي. ??زارتي اجلاس جيڪو 12 کان 15 سيپٽمبر تائين لنڊن ۾ منعقد ٿي رهيو آهي، جو ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آ??ي. ??اڪستان اجلاس جي صدارت سنڀالي ورتي آهي ۽ هو ايندڙ ??ال ساموا ۾ ٿيندڙ ??ولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آ??ي. ??گران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آ??ي. ??اڪستان دولت مشترڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي پنجاهين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آ??ي. ??گران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان موقعي تي نوجوانن جي لاءِ سيڙپڪاري ۽ موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن تي روشني وڌي. هن چيو ته مشغوليت نوجوانن جي معاشري ۾ انهن جي اونرشپ وڌائي ٿي. هن عالمي پائيدار ترقي ج?? ايجنڊا ۾ نوجوانن جي شموليت کي وڌائڻ جي لاءِ دولت مشترڪه جي ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو.