اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پ??ش ڪندڙ هيروز کي خراج عق??دت پ??ش ڪندي چيو آهي ته شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن ۽ اسان انهن جي قربانين جا قرضي آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي يادگار شڪر پڙيان تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ مو??ود هو. نگران وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پ??ش ڪندڙ شهيدن کي خراج عق??دت پ??ش ڪريان ٿو ۽ هتي دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ مو??ود آهيان ته اسان پنهنجي شهيدن کي وساريو نه آهي، اهي الله جي راهه ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پ??ش ڪن ٿا، شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن، اسان شهيدن جي قربانين ۽ انهن جي خا??دانن جا قرضي آهيون، اهو قرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪو ننڍڙو نذرانو اسان پ??ش ڪريون ٿا اهو انهن جي ۽ انهن جي پيارن جي تڪريم آهي. هن چيو ته اهو ئي اهو جذبو آهي جنهن جو ذڪر علامه اقبال به پنهنجي شعرن جي ذريعي ڪيو. شهادت هڪ عظيم رتبو آهي جنهن جو الله تعاليٰ وٽ تمام وڏو اجر آهي.