ڪراچي – 22 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو و??ندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملا??ات ڪئي. وفد انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملا??ات ۾ ملڪ جي اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي صورتحال، بين المذاهب هم آهنگي ۽ ٻين موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفد نگران وزيراعظم جو ڌيان ڪراچي ۾ حدبندي جي مسئلي ۽ پاڻي جي کوٽ جي پراڻي مسئلي طرف ڇڪرايو. وزيراعظم وفد کي يقين ڏياريو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ سمورن وسيلن کي هر ممڪن طور تي استعمال ۾ آندو و??ندو. ملا??ات ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري پڻ موجود هو. ايم ڪيوا يم جي وفد ۾ فاروق ستار، سيد امين الحق، خواجه اظهارالحسن ۽ ٻيا شامل هئا.