اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سنڌ جي نگران و??ي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس سنڌ جي نگران و??ي وزير جي ذميواري سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن چونڊن جي شفاف انعقاد ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڀرپور مدد جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اطلاعات واري نگران وزير سنڌ جي نگران و??ي وزير سان مقتول صحافي جان محمد مهر جي ڪيس حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. سنڌ جي نگران و??ي وزير اطلاعات واري نگران وزير کي ٻڌايو ته مقتول صحافي جي ڪيس ۾ اڳڀرائي جاري آهي. جسٽس (ر) مقبول باقر مرتضيٰ سولنگي کي نگران وفاقي وزير بڻجڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.