اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدفن جي فروغ لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ملاقات جي موقعي تي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي ??ور ڏيندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ پاڪ ايران ٻطرفي ??عا??ن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 مئي 2023ع تي پشين – مند سرحدي بازار جي گڏيل افتتاح جي موقعي تي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات جو حوالو ڏيندي ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته سرحدي علائقن جي اقتصادي ترقي جي لاءِ کنيل قدم پاڪ ايران گڏيل ترجيحن جا واضح عڪاس آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ بهتري لاءِ ان حوالي سان گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ايران جي صدر رئيسي جي ”پاڙيسري سڀ کان اڳ“ جي پاليسي هڪ محفوظ، خوشحال ۽ هڪ ٻئي سان گڏيل ٺوس خطي جي حوالي سان سندس ويزن سان مڪمل طور تي هم آهنگ آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مضبوط هدفن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ واپار ۽ بهتر علائقائي رابطن جي ذريعي پنهنجي منفرد جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي ??ور ڏنو. وزيراعظم اسلامو فوبيا ۽ مسلمان مخالف نفرت جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ??ندي پاڪستان جي ايران سميت ٻين اسلامي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پختي عزم تي ??ور ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جي نفرت انگيز ڪاررواين جي خلاف هڪ متفقه موقف جو اظهار ??رڻ گهرجي جنهن جو مقصد معاشرن ۽ برادرين جي اندر انتشار ۽ فرق جو ٻج ڇٽڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ايران لاڳاپا قيادت جي سطح تي متواتر م??اس??ا، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙائي ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ مضبوط ??عا??ن جي ترقي ۽ فروغ جي ضرورت آهي.