اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قو??ي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ڊائريڪٽر جنرل خلاف عورت آفيسر کي هراسان ڪر?? جي ڪوڙي شڪايت رد ڪري ڇڏي. شڪايت ڪندڙ عورت اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، جوابدار جي خلاف ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ جا نه الزام ثابت ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪيترن ئي نوٽيسز جي باوجود ڪيس جي ڪارروائي ۾ پيش ٿي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ڪنه?? کي به قانون جي عمل جو غلط استعمال ڪر?? جي اجازت نه آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب قو??ي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي هڪ ڊائريڪٽر جنرل جي خلاف عورت آفيسر ڪم جي جڳهه تي هراسمينٽ ڪر?? جي شڪايت داخل ڪرائي هئي، ڪم ڪاري واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب انڪوائري ۽ رپورٽ جي لاءِ معاملو قو??ي اسيمبلي جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي ڏانهن موڪليو. شڪايت ڪندڙ معاملو اندروني ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي خلاف اپيل داخل ڪئي جنهن صدر سال 2020ع ۾ رد ڪري ڇڏيو هو. صدر ڪميٽي ??ي الزامن جي منصفاڻي ۽ غيرجانبداراڻي انڪوائري يقيني بڻائڻ جو چيو هو. صدر جي فيصلي جي خلاف عورت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، ا?? کي به رد ڪيو ويو. قو??ي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اندروني هراسمينٽ ڪميٽي معاملي جي انڪوائري ڪئي ۽ رپورٽ محتسب کي پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته شڪايت ڪندڙ عورت جوابدار جي خلاف الزام ثابت ڪر?? ۾ ناڪام رهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته شڪايت ڪندڙ پنهنجي ڊيوٽي جي حوالي سان وقت جي پابند نه آهي. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب عورت آفيسر جي شڪايت رد ڪري ڇڏي. عورت فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، صدر ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ پنهنجو فيصلو ٻڌايو. 2014ع ۾ ٿيندڙ مبينا هراسمينٽ جي شڪايت محتسب کي 2019ع ۾ جمع ڪرائي وئي. صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ بار بار نوٽيس جي باوجود محتسب آڏو پيش ٿيڻ ۾ ناڪام رهي، ڪم جي جڳهه تي عورتن جي هراسمينٽ جي خاتمي جو ايڪٽ عورت?? کي تحفظ فراهم ڪر?? ۽ عورتن جي بنيادي حقن جي لاءِ لاڳ?? ڪيو ويو آهي. صدر قرار ڏنو ته ڪنه?? کي به قانون جو غلط استعمال ڪر?? جي اجازت نه آهي، محتسب صحيح فيصلو ڏنو آهي ان لاءِ عورت جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.