اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ پشاور جو دورو ڪندو ۽ فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جو افتتاح ڪندو. پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته فاٽا يونيورسٽي ضم ٿيل ضلعن جي پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا فاٽا جي باصلاحيت نوجوانن کي عالمي معيار موجب اعليٰ تعليم فراهم ڪندي. هن چيو ته 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ان يونيورسٽي جو بن??اد مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ رکيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته وزيراعظم پشاور ۾ وزيراعظ?? يوٿ پروگرام تحت خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهائيندو.