اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش موجوده بحرانن جو سلسلو اتان کان شروع ٿئي ٿو جتي نواز شري?? جي خلاف حڪومت مان ڪڍڻ جي سازش ڪري عمران خان کي هر قيمت تي حڪومت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نواز شري?? جي خلاف کنيل قدمن جي درستگي حالتن جي بهتري لاءِ انتهائي اهم آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو ته پي ٽي آءِ جي سينيئر و??يل ۽ صحافي پاران تازا اکيُون کوليندڙ انڪشاف جن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪيئن نواز شريف کي پاناما پيپرز ۾ ڄاڻي واڻي ڦاسايو ويو ۽ جنهن جو مقصد ان کي حڪومت مان ڪڍي سياست ۾ پابندي هڻڻ هو جنهن جي اسان کي پهرين ڏينهن کان خبر هئي. جڏهن ته اهي انڪشاف هاڻي ان لاءِ به انتهائي اهم آهن ته سچ ٿورو ٿورو ڪري سامهون اچي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش موجوده بحرانن جو سلسلو اتان کان شروع ٿئي ٿو جتي نواز شري?? جي خلاف حڪومت مان ڪڍڻ جي سازش ڪري عمران خان کي هر قيمت تي حڪومت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان سڄي عمل ۾ پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهتو، جمهوري ارتقا ۾ رڪاوٽ آئي ۽ معيشت شديد متاثر ٿي. هن چيو ته نواز شري?? جي خلاف کنيل قدمن جي درستگي حالتن جي بهتري لاءِ انتهائي اهم آهي. الحمدالله، مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته منهنجو قائد تاريخ ۾ صحيح رخ ۾ بيٺل رهيو ۽ سرخرو ٿيو آهي.