اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته بنگلاديش جي صدر شهاب الدين سان مڪه، منيٰ ۽ مديني ۾ سٺيون ملاقاتون ٿيون. اها ڳالهه هن هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. صدر ان موقعي تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي هڪ تصو??ر شيئر ڪندي چيو ته روضه رسول ﷺ وٽ اڇي رنگ جي لباس ۾ منهنجو ننڍپڻ جو دوست سلمان رحمان آهي جيڪو هاڻي بنگلاديش ۾ پارليامينٽ جو ميمبر، وزير ۽ صلاحڪار آهي، اسان جي ملاقات 60 سالن کانپوءِ ٿي آهي. هن چيو ته الله جون نعمتون اسان جي لاڳاپن لا??ِ حيرت انگ??ز ڪم ڪنديون.