اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف کي ترڪ صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪري يونان ويجهو روم ??منڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي ۾ پاڪستانين جي فوتگين تي افسوس جو ??ظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي صدر ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستانين جي گهرڀاتين جي لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ عوام پاران همدرديءَ جو پيغام پهچايو. صدر رجب طيب اردوان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم تعزيت ۽ همدرديءَ جي جذبن تي ترڪ صدر جا ٿو??ا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو ت?? مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ترڪ صدر ۽ ترڪ عوام جي جذبن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.