اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو منصوبو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ وڌيو ويجهيو، گهٽ کان گهٽ وقت ۾ ترقياتي منصوبو مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ٿيو، چيني حڪومت ۽ ڪمپنين پاران 25.4 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري آئي، سي پيڪ جي ايندڙ مرحلن جي لاءِ اسا?? کي نئين عزم اڳتي وڌڻو آهي ۽ اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ڪرڻ ۽ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ معدني وسيلن جي ترقي جي منصوب?? تي ڪم ڪرڻو آهي، آءِ ايم ايف سا?? 12 جولاءِ تي معاهدو ٿي ويندو، پاڪستان جي ڊيفالٽ جو پري پري تائين ڪو خدشو نه آهي، مشڪل وقت ۾ چيني حڪومت ۽ دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون ۽ انهن جي تعاو?? کي سدائين ياد رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ جي مفاهمتي ياداشت تي صحيحن جي هڪ ڏهاڪي مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪ??و. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير کانسواءِ چيني ناظم الامور پانگ چنشوئي ۽ چين ۽ پاڪستان جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 10 سا?? اڳ 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) چونڊون کٽي اقتدار ۾ آئي ته هن چيني قيادت سا?? گڏجي اهو منصوبو شروع ڪيو، 5 جولاءِ 2013ع تي بيجنگ ۾ سي پيڪ جي حوالي سا?? مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون ۽ اها پهرين مفاهمت جي ياداشت آهي جنهن حقيقت جو روپ ڌاريو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ گهٽ ترين وقت ۾ ڪول ۽ هائيڊل جي پاور پراجيڪٽس، اورنج لائين ٽرين ۽ روڊ انفراسٽرڪچر جا منصوبا مڪمل ڪرڻ جو رڪارڊ قائم ٿيو، پاڪستاني ۽ چيني قيادت ۽ انجنيئرز ۽ پورهيتن ڏينهن رات محنت ڪئي. هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ان جي ڪابينا ۽ ٽيم جي ميمبر?? کي سي پيڪ جو منصوبو وڌائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيني قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن مشڪل ترين وقت ۾ پاڪستان جو سا?? ڏنو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي لاءِ چين اسان جي لاءِ جيڪو ڪيو، اسان ا?? کي سدائين ياد رکنداسين. وزيراعظم چيو ته چيني قيادت جا ٿورا ادا ڪرڻ جي لاءِ ان وٽ لفظ نه آهن. وزيراعظم سي پيڪ کي انتهائي شفاف منصوبو قرار ڏيندي چيو ته انتهائي بدقسمتي ۽ افسوس جو مقام آهي ته اڳوڻي حڪومت ان منصوبي مان نه رڳو ڪيڙا ڪڍيا پر بي بنياد الزام هنيا ۽ بدگماني پکيڙي جنهن سا?? سي پيڪ جي منصوب?? تي ڪم سست ٿي ويو ۽ پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا جيڪي هماليه کان به بلند آهن ۽ ج?? کي ڪڏهن ڪو دشمن به ڪمزور ڪرڻ جو سوچي نه سگهيو، دوست نما دشمنن ان ۾ ڏار وجهڻ ۽ انهن لاڳاپ?? کي خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ??ر اتحادي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي پاڪ چين لاڳاپ?? کي ٻيهر بهتر کان بهتر بڻائڻ جي لاءِ مخلصاڻي ڪ??ششون ڪيون. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته چين سا?? دوستاڻن لاڳاپ?? کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ سي پيڪ جو منصوبو هاڻي نئون رخ اختيار ڪندو جنهن تحت بي ٽي بي اسپيشل اڪنامڪ زونز قائم ٿيندا جنهن جي ذريعي صنعتڪاري، پيداوار ۽ روانگي واپار ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي حصيداري سا?? زراعت جي شعبي ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته اسان جي اتحادي حڪومت ڌرڻن، احتجاج، مظاهرن، ڌمڪين ۽ اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ملڪ ۾ ترقي جي لاءِ ڪم ڪيو، اسان جا دوست نما دشمن سياسي اڳواڻ سيڙپڪاري نه ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سريلنڪا بڻجڻ جي اڳڪٿيون ڪندا رهيا. انشاءَ الله 12 جولاءِ تي آءِ ايم ايف سا?? معاهدو ٿيڻ وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسا?? کي گڏجي پاڪستان جي معاشي صورتحال کي سنڀالڻو آهي، چين مشڪل ترين وقت ۾ اسان جو سا?? ڏنو ۽ 5 ارب ڊالر فراهم ڪيا، سعودي عرب، يو اي اي ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ به پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، چين پاڪستان جي دوست ملڪن ۽ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جا ٿورائتا آهيون جن مشڪل وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? کي اڳتي وڌڻ جو موقعو مليو آهي، اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن جون ڌڄيون اڏايون پر اسان آءِ ايم ايف سا?? ٿيندڙ معاهدي جي پاسداري ڪ??داسين، دوست نما دشمن پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون بددعائون ڪري رهيا هئا پر الحمدالله 9 مهينن جو پروگرام بڻجي چڪو آهي، پاڪستان جي ڊيفالٽ جو پري پري تائين ڪو خدشو نه آهي، هاڻي اسا?? کي پنهنجي پير?? تي بيهڻو آهي، محنت ڪرڻي آهي ۽ غريب عوام کي مهانگائي کان بچائڻو آهي، اشرافيه ۽ دولتمند طبقي جو فرض آهي ته اڳتي وڌي ۽ پاڪستان ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم سي پيڪ جي ايندڙ مرحلن جي لاءِ نئين عزم سا?? اڳتي وڌڻ تي زور ڏيندي چيو ته هاڻي اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ معدني وسيلن جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان ۾ اربين کربين ڊالر جا معدني وسيلا موجود آهن ج?? کي پاڪستان جي عوام ۽ ٻنهي ملڪن جي بهتري ۽ ترقي جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم سا??ن کان پاڪستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ چيني انجنيئرز ۽ ڪارڪنن جا پڻ ٿورا مڃيا.