ڪراچي – 13 جون (اي پي پي) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ م??س ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انع??م ميمڻ چيو آھي ته بائيپر جواءِ طوفان ۾ بچاءُ لاءِ احتياط کانسواءِ ڪوبه حل ناھي، طوفان جو اطلاع ملندي ئي سنڌ جي وڏي وزير اُنھن علائقن جو دورو ڪيو، جن جي متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي صوبائي وزير شرجيل انع??م ميمڻ چيو آھي ته ڪراچي ۾ ماڻھو ڪوشش ڪن ته گھ??ن کان غير ضروري طور ٻاھر نه نڪرن، ماڻھن کي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي ۽ ماڻھن جي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقلي جو سلسلو اڃا به جاري آھي. ھن چيو ته سامونڊي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي ??پيل آھي ته اُھي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي وڃن. شرجيل انع??م ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ احتياط ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڪلائوڊ برسٽ به ٿي سگھي ٿو، ڪوبه شخص تفريح لاءِ سمنڊ جو رُخ نه ڪري، عوام حڪومت سان سھڪار ڪري. ھن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاھ سامونڊي طوفان جي حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن کي ??لرٽ رھڻ جو چيو آھي، سمورن اسيمبلي ميمبرن جو فرض آھي ته اُھي عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ٻاھر نڪرن۔