اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) حڪومت جو مقروض بيواهن جا گهر ٺهرائڻ لاءِ قرضن جي بقايائن جي ادائگيءَ لاءِ اسڪيم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ بيواهن جي 10 رپين تا??ين جي بقايا قرض حڪومت ??اڪ??تان ادا ڪندي، جڏهن ته وفاقي وزير اسحاق ڊار ايندڙ مالي سال جو بجيٽ پيش ڪندي ٻُڌايو ته مقروض ماڻهن جي بيواهن جي امداد لاءِ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف اڳوڻن ٻن دؤ??ن ۾ بجيٽ 2000-1999ع ۽ 18-2017ع ۾ اسڪيم جاري ڪئي هئي. مالي سال 24-2023ع جي حوالي سان اهڙي ئي اسڪيم هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن مقروض بيواهن لاءِ متعارف ڪرائي پئي وڃي. ان تحت انهن بيواهن جي 10 لک رپين تا??ين بقايا رقم ??اڪ??تان حڪومت ادا ڪندي.