اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آءِ اي?? ايف سان هلندڙ مهيني معاهدو ٿيڻ جي اميد آهي، پوري دنيا ۾ هن وقت مهانگائي پنهنجي عروج تي آهي، اڳوڻي حڪومت معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو هو، مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي، زرعي شعبي ۾ خوشحالي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، معيشت جي ترقي سياست استحڪام سان واڳيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ميمبرن کي ڀليڪار ڪيو. هن بطور وزيراعظم جي صلاحڪار مقرري تي شيخ روحيل اصغر کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو محنت سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته ناڻي واري وزير اسحاق ڊار گذريل ڏينهن معيشت جي صورتحال تي پريس ڪانفرنس ۾ خيالن جو اظهار ڪيو آهي، اها ڳالهه لڪل نه آهي ته 14 مهينا اڳ جڏهن اسان ذميواري سنڀالي ته اسان جي آڏو وڏا معاشي چئلينجز هئا، گذريل حڪومت آءِ اي?? ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو هو پاڻ ئي ان جون ڌڄيون اڏايون هيون ۽ پاڻ ئي ان جي خلاف ورزي ڪئي، اسان وڏي مشڪل سان آءِ اي?? ايف سان معاملا طئي ڪيا. وزيراعظم چيو ته گذريل سال ماحولياتي آلودگي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو جنهن معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، ان جي باوجود ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ ريليف جي لاءِ ڪابينا جي ڪيترن ئي ميمبرن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پوري محنت سان ??ينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو، عالمي ادارن کان به مدد ورتي وئي ۽ وفاق ۽ صوبن پنهنجي وسيلن مان اربين رپيا خرچ ڪيا، وفاق ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ 100 ارب رپيا خرچ ڪيا، دوست ملڪن اسان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته ٻوڏ سان ان جي معيشت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. وزيراعظم چيو ته يوڪرين ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال سان عالمي منڊين ۾ ضروري شين جون قيمتون وڌي ويون، دنيا ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو جنهن جو پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي اربين ڊالر کان وڌيڪ ادا ڪرڻ جي صورت ۾ نقصان ٿيو ڀلي اهو تيل جي قيمتن جو معاملو هجي يا ڀاڻ، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جو، هر لحاظ کان اسان تي بار ۾ ا ضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته آءِ اي?? ايف سان ??ڏ ويٺاسين ۽ آءِ اي?? ايف جي سمورين شرطن کي جيئن جو تيئن نه رڳو تسليم ڪيو پر اسان ان سلسلي ۾ پوري طرح شروعاتي قدم پڻ کنيا. وزيراعظم چيو ته آءِ اي?? ايف سان اسٽاف ليول ايگريمنٽ تي اڃا تائين صحيحون ناهن ڪيون ويون جنهن کان??وء?? بورڊ ۾ اهو معاملو وڃڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اميد ڪرڻ گهرجي ته سموريون شرطون پوريون ڪرڻ کان??وء?? هلندڙ مهيني آءِ اي?? ايف جو نائنٿ ريويو مڪمل ٿي بورڊ مان ان جي منظوري ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته ان جي آءِ اي?? ايف جي ايم ڊي سان هڪ ڪلاڪ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن جي نتيجي ۾ آئون اها ڳالهه چئي رهيو آهيان. مون انهن کي تجويز ڏني هئي ته جيڪڏهن توهان خاطري ڪرايو ته وڌيڪ جيڪي هڪ ٻه ضروري قدم آهن اسان اهي به ڪنداسين. هن مون کي زباني ڪمٽمنٽ ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اسان اهي قدم به کڻي ورتا آهن تنهن ڪري هاڻي ڪا رڪاوٽ باقي نه آهي. وزيراعظم چيو ته مون جيڪي مسئلا توهان آڏو رکيا آهن ان سان پاڪستان جي عام ماڻهو جي مٿان مهانگائي جو تمام گهڻو بار پيو آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دنيا ۾ هن وقت مهانگائي عروج تي آهي، ڀلي اهو برطانيا آهي يا امريڪا، هر جڳهه مهانگائي آهي پر انهن جي معيشت ۾ ايتري س??هه آهي جو اهي پنهنجي عوام کي ريليف ڏئي س??هن ٿا پر جڏهن اسان پاڪستان جي واڳ سنڀالي ته گذريل حڪومت معيشت جو جنازو ڪڍي چڪي هئي، انهن 14 مهينن ۾ جيڪي مشڪلاتون اسان تي آيون اهي مون ٻڌايون آهن، ان دوران اسان جي پراڻي ۽ اعتماد جوڳي دوست چين اسان جي ڀرپور مدد ڪئي، اسان ??ي مالي تعاون فراهم ڪيو ۽ گذريل ٻن ٽن مهينن ۾ چيني حڪومت جو تعاون انتهائي مددگار ثابت ٿيو ۽ ان جي تفصيل ۾ آئون نه پيو وڃان، آءِ اي?? ايف جي حوالي سان پنهنجي ڀائر ملڪ سعودي عرب ۽ يو اي اي اسان جو ساٿ ڏنو ۽ آءِ اي?? ايف جون جيڪي اضافي شرطون هيون انهن موجب سعودي عرب 2 ارب ڊالر ۽ يو اي اي هڪ ارب ڊالر جو تعاون فراهم ڪيو ۽ ڏکئي وقت ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن تي اسان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته اسان جي سامهون چئلينج اهو آهي ته مهانگائي غريب ماڻهو تي تمام گهڻو بار وڌو آهي، اسان جي اقتصادي ترقي جنهن رفتار سان ٿيڻ گهرجي ها اها شديد متاثر ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعا??يٰ جو تمام گهڻو فضل ۽ ڪرم آهي جو جاري خساري جي حوالي سان ??ذريل مهينن ۾ بهتري آئي آهي ۽ اهو گهٽ ٿي 3.3 ارب ڊالر رهجي ويو آهي. هن چيو ته اسان جي وسيلن تي تمام گهڻو بار آهي. وزيراعظم چيو ته بجيٽ جي تياري ۾ برآمد ڪندڙن، ڪاروباري طبقي، آءِ ٽي ماهرن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان مشاورت ڪئي وئي آهي، مون پاڻ ان سلسلي ۾ ملاقاتون ڪيون آهن. هن چيو ته اسان ??ي زرعي شعبي ۾ تمام جلد سٺا نتيجا حاصل ٿي س??هن ٿا، رڳو ان ??الهه تي خوش ٿي وڃڻ ته آبادگار کي ڪڻڪ جي سٺي قيمت ملي آهي ته ان لاءِ سٺي فصل ٿي آهي، اهو صحيح نه آهي، اهو الله تعا??يٰ جو فضل ۽ ڪرم آهي. هن چيو ته دنيا جي مختلف ملڪن جي في ايڪڙ پيداوار اسان ??ان ??يترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، اسان ??ي ان سلسلي ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻو پوندو ڇو ته اسان ماضي ۾ ان سلسلي ۾ ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪري س??هياسين، ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه ۽ مختلف ٻين فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي ضرورت آهي، اسان ??ي ان سلسلي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ۽ ڳوٺاڻن علائقن، ڳوٺن ۾ زرعي جنسن تي ٻڌل وليو ايڊيڊ چينز قائم ڪرڻيون پونديون، انب جي فصل کي بهتر اسٽوريج جون سهولتون فراهم ڪري محفوظ ڪري س??هجي ٿو. زرعي پيداوار جي ويليو ايڊيشن ڪري س??هجي ٿي، زرعي شعبي ۾ اربين ڊالر جي روانگي واپار جا امڪان موجود آهن. وزيراعظم چيو ته زراعت تي ڌيان ??ئي زرعي علائقن ۾ خوشحالي آڻي س??هجي ٿي، نوجوانن کي روزگار فراهم ڪري س??هجي ٿو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي، ان بابت لاڳاپيل وزير قوم کي آگاهه ڪندا. هن چيو ته پوري دنيا ۾ معيشت جي ترقي سياسي استحڪام سان واڳيل هوندي آهي، جنهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو اتي معيشت تباهه ٿي وڃي ٿي، پاڪستان ۾ گذريل سوا سال کان جيڪا سياسي عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي لاءِ جيڪي ذريعا پيدا ڪيا ويا ۽ جيڪو بيانيو اختيار ڪيو ويو ۽ جهڙي طرح جٿابندي ڪئي وئي ان سان هن ملڪ ۾ سياسي طوفان آيو، جنهن معيشت جي ڦيٿي کي جام ڪيو، سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري اٽڪل ختم ٿي وئي، ملڪ جي اندر سيڙپڪاري رڪجي وئي، صنعتون به متاثر ٿيون، سياسي استحڪام کانسواءِ کربين ڊالر جي سيڙپڪاري جو به ڪو فائدو ناهي هوندو، ان سياسي استحڪام آڻڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون، رياست پاڪستان ۽ ادارا ان سلسلي ۾ هڪ آهن، سياسي استحڪام آڻينداسين ته معاملو اڳتي هلندو. وزيراعظم چيو ته عام ماڻهو ان صورتحال ۾ پيڙهجي ويو آهي، ان جي پگهار ۾ خاطرخواهه اضافو نه ڪيو ويو ته اڻوڻندڙ حالتن کي منهن نه ڏئي س??هندو ان جي لاءِ اسان جي ذميواري آهي ته اسان پگهاردار طبقي جي مشڪلاتن جو خيال ڪريون ته جيئن اهو طبقو پنهنجي ٻارن ٻچن جو پيٽ پالڻ جي ذميواري پوري ڪري س??هي، اهڙي طرح پينشنرز جي پينشنز پن ناڻي واڌ جي ڪري شديد متاثر ٿي آهي، اسان ??ي پينشنرز جو به خيال ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪابينا ميمبرن جي راءِ جي روشني ۾ حڪومت فيصلا ڪندي، الله تعا??يٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ??ڻڪ جي بمپر ڪراپ ٿي آهي، ڪپهه جي فصل به وڏي پئماني تي پوکيءَ وئي آهي، اسان الله تعا??يٰ کان اميد ڪريون ٿا ته هو ڪرم فرمائيندو، دنيا ۾ گئس جون قيمتون هيٺ اچي رهيون آهن، اسان ??ئس جو نئون ڪانٽريڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ماضي جي مقابلي ۾ جيڪڏهن گهٽ قيمت تي گئس خريد ڪئي وڃي ته ان جي سراسري قيمت کي گهٽ ڪري س??هجي ٿو جنهن سان ملڪ ۾ اقتصادي ڦيٿو تيزي سان هلندو.