اسلام آباد – 08 – جون (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن، عورتن ۽ آبادگارن جي ترقي جا انقلابي پروگرام بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بجيٽ 24 – 2023ع ۾ نوجوانن، عورتن ۽ زرعي ٽيوب ويلز بابت خصوصي منصوبن جي ??اء?? رقم رکي ويندي، نوجوانن کي بنا وياج جي قرض ملندا، تعليم ۽ اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ٺاهيا ويندا. پنجاب انڊومنٽ فنڊ جي طرز تي ”تعليم بابت پاڪستان انڊومنٽ فنڊ“ قائم ڪرڻ جي پ?? منظوري ڏ??ي وئي اهي، ان فنڊ سان سڄي ملڪ جي ذهين پر غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي وظيفا ڏنا ويندا. نوجوانن کي ننڍا قرض ڏيڻ جي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ??اء?? وڏي رقم رکي وئي آهي. نوجوانن کي آءِ ٽي سميت مختلف هنر سيکارڻ جي ??اء?? وسيلا بجيٽ ۾ رکيا ويا آهن. نوجوانن کي هڪ لک مفت ليپ ٽاپ جي فراهمي جي ??اء?? رقم پڻ بجيٽ ۾ رکي وئي آهي. آءِ ٽي جي شعبي ۾ نئون ڪاروبار شروع ڪندڙ نوجوانن جي مالي مدد ڪئي ويندي. نوجوانن کي راندين جي ميدان ۾ آڻڻ ۽ اسپورٽس سرگرمين جي حوصلا افزائي جي ??اء?? فنڊز رکيا ويا آهن. عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي پروگرام جي ??اء?? رقم رکي وئي آهي. زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي پروگرام جي پ?? منظوري ڏ??ي وئي آهي، زرعي ٽيوب ويلز جي شمسي توانائي تي منتقلي وزيراعظم جي آبادگا?? پئڪيج جي ٻئي حصي طور ڪئي ويندي.