اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي چئلينج ڪيو آهي ته هو عدالت وڃي جنهن جنهن کان خطرو آهي ثبوت ڏي نه ته پنهنجو وا?? بند رکي. پنهنجي ??يان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن ايجنٽ ٻهروپيو آهي جيڪو حالتن موجب اسڪرپٽ ۽ شڪل ٺاهي وٺي ٿو، گرفتاري جي ڊپ ۾ ورتل کٽ جي هيٺ ۽ ضمانت خارج ٿيڻ جي ڊپ کان وهيل چيئر جو ڊرامو رچائي ٿو. هن چيو ته فارن ايجنٽ جي پيرن تي دٻاءُ نه آهي، ان جي ??ماغ تي سازشي دٻاءُ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته وهيل چيئر تي ويهي الزام هڻڻ بدران هو عدالت وڃي ثبوت پيش ڪري ته ان جي ??ياتي کي ڪنهن ڪنهن کان خطرو آهي. هن چيو ته عمران خان کي خطرو هاڻي رڳو فارن فنڊنگ، توشه خانه، ٽيريان ڪيس کان آهي ان لاءِ گولي، پلستر، دٻي، وهيل چيئر ۽ اليڪشن جو بهانو بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان کي جڏهن به عدالت گهرائي ٿي ته هو گولي، پلستر، معذوري، بالٽي دٻي جو بهانو بڻائي ٿو ۽ هاڻي وهيل چيئر جو ڊرامو رچائي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان اڳ ۾ ئي پنهنجي ??ڪومت هٽائڻ جو ملبو آمريڪا تي وڌو، سائفر جي ڊرٽي راند ??يڏ??، بعد ۾ آمريڪا کان معافي وٺي جنرل باجوه، پوءِ آصف علي زرداري ۽ پوءِ محسن نقوي تي ملبو وجهي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان چار سال جي ناڪامين ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ جو ملبو جنرل باجوه تي وڌو، شهيدن، ادارن ۽ ان جي قيادت جي ??لاف اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ غليظ مهم هلائڻ وارو ٻيهر الزام بازي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان قوم کي گهرن مان ڪڍ?? کان اڳ پاڻ ته گهر کان ٻاهر نڪري. اڳ ۾ ڪاري بالٽي مان منهن ٻاهر ڪڍ?? جو اعلان ڪري، پوءِ قوم کي ٻاهر نڪرڻ جو اعلان ڪري. هن چيو ته چيف جسٽس جي ??صوير تي جوتا هڻڻ جي لاءِ پڻ نڪرڻ جي ڪال عمران خان ڏني هئي.