ڪوئيٽا – 30 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته بريسٽ ڪينسر، نفسياتي مسئلن ۽ معذوري کي منهن ڏيڻ جي ذميواري رڳو حڪومت وقت جي نه پر م??اش??ي جي هر ماڻهو کي ان جي تدارڪ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، معذور ماڻهن جي ڀلائي ۽ بريسٽ ڪينسر جي روڪٿام بابت ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاو?? سان ڇاتيءَ جي ڪينسر، نفسياتي صحت ۽ معذوري بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کان اڳ ڊس ايبيليٽيز، ريهيبيلي ٽيشن روڊ سيفٽي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن بابت ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊاڪٽر مريم ملڪ خاص مهمان کي ڀليڪار ڪيو ۽ سيمين??ر جي مقصدن تي روشني وڌي. ميزبان تنظيم پاران موضوع ج?? مناسبت سان شرڪت ڪندڙن کي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. تقريب کي خطاب ڪندي بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته سڄي ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۾ بريسٽ ڪينسر ۽ معذوري بابت آگاهي جي حوالي سان ٺوس ۽ قابل عمل ق??م کنيا وڃن، م??اش??ي جي سمورن طبقن کي آگاهي جي لاءِ اڳتي وڌي ان موذي مرض جي روڪٿام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ا?? سان گڏوگڏ عورتن کي پاڻ تشخيص بابت رهنما هدايتن موجب پنهنجي صحت جو خيال رکندي هڪ مخصوص عمر کانپوءِ پنهنجي طبي معائني جي معمول کي اختيار ڪرڻو پوندو. سيمينار کي ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال، ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ پارٽمينٽ، ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر ڊيس ايبليٽيس اينڊ ريهيبليٽيشن، ڊبليو ايڇ او بلوچستان جي سربراهه ڊاڪٽر اسفند يار شيراني پڻ خطاب ڪيو. سيمين??ر جي پڄاڻي تي موضوع ج?? حوالي سان سوال جواب جو سيشن پڻ منعقد ڪيو ويو.