اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي دنيا جي ب??ند ترين چوٽي مائونٽ ايوريسٽ سر ڪندڙ ٻي پاڪستاني جبل چاڙهو عورت نائلا ڪياني کي ستاره امتياز ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو و??و آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب نائلا ڪياني کي ستاره امتياز ڏيڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو و??و آهي. ان حوالي سان وزيراعظم آفيس ڪابينا سيڪريٽريٽ کي باضابطا ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف قوم جو ڳاٽ فخر بلند ڪندڙ نائلا ڪياني جي لاء?? ستاره امتياز جي اعزاز جو اعلان ??يو هو. واضح رهي ته ثمينه بيگ پهرين پاڪستاني عورت هئي جنهن 2013ع ۾ مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو.