اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته سو??ان مان پاڪستاني شهرين جي انخلا جي منصوبي تحت جمعي جي صبح هڪ جهاز سو??ان مان ڪڍيل 149 پاڪستاني شهرين کي کڻي ڪراچي پهچي ويو، اٽڪل 200 پاڪستانين کي کڻي ٻن ٻين اڏامن جي اڄ دير تائين اچڻ متوقع آهي، انهن مان هڪ پورٽ سو??ان ۽ ٻيو جده کان پاڪستانين کي واپس آڻيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته سو??ان ?? سيڪيورٽي جي مشڪل صورتحال سان پاڪستانين جو انخلا پرڏيهي وزارت جي قيادت ۾ هڪ مضبوط عالمي ايجنسي جي عمل جي نتيجي ۾ ممڪن ٿ??و آهي. هن چيو ته اسان جي انخلا جي منصوبي کي مرحليوار لاڳو ڪيو ويو آهي، آپريشن جي پهرين مرحلي ۾ 8 سئو کان وڌيڪ پاڪستانين کي سرطوم کان پورٽ سو??ان پهچايو ويو جيڪو محفوظ آهي، انخلا جي آپريشن جو ٻيو مرحلو پاڪستاني شهرين کي پورٽ سو??ان کان جده سعودي عرب يا سڌوسنئون پاڪستان پهچائڻ آهي. ترجمان چيو ته اڄ جون اڏامون پورٽ سو??ان کان جده جي رستي اچي رهيون آهن، اهو ان ٻئي مرحلي جو پهريون حصو آهي، اضافي اڏامن جو پڻ منصوبو ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته پورٽ سو??ان کان جده تائين انخلا جو عمل جاري آهي جنهن ۾ سعودي حڪومت پاران هلائي ويندڙ فيرين جي ذريعي انخلا به شامل آهي، ڪجهه مسافرن کي پورٽ سو??ان کان جده جي لاءِ چيني سامونڊي جهاز سان به منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته اسان خطي جي دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن ان ڏس ۾ خاص طور تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا م??يا جنهن پورٽ سو??ان کان جده تائين فيري جي ذريعي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستاني شهرين جي ملڪ واپسي تائين ميزباني جي ذريعي ان عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ان آپريشن کي ٺوس ڪرڻ ۾ ايجنسين جي وچ ۾ عمل جي قيادت ڪندي رهندي، خرطوم ۽ پورٽ سو??ان ۾ پاڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم ان عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي ۽ سو??ان ۾ رهندڙ پاڪستانين جي انخلا ۽ انهن کي ملڪ واپس آڻڻ تائين امداد فراهم ڪرڻ جاري رکندا. هن چيو ??ه جده ۾ اسان جو قونصليٽ جنرل سعودي عملدارن سان رابطو جاري رکندو ۽ جده جي رستي پاڪستانين جي اچ وڃ دوران مدد فراهم ڪندو.