اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو ٿيندو، قوم جي ڏکن جو مداوو ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? ته هي عوام جي حقن ۽ رياستي ادارن جي فرضن جو ڪتاب آهي، هي اتحاد ۽ اتفاق جي ضامن، عدل ۽ انصاف، برابري ۽ آزادي جي ضمانت ??هي، هي واعدو آهي الله تعاليٰ سان ته حاڪميت رڳو ان جي آهي، هي اختيار عوام چونڊيل نمائندن جي ذريعي استعمال ڪندو. آئين کان انحراف تي ملڪ ۽ قوم صدما برداشٽ ڪيا، ناچاقي ۽ نااتفاقي، محرومين، د??شتگردي، معاشي تباهي، مهانگائي جا عذاب برداشت ڪيا. هن چي?? ته آئين کان انحراف سان ادارا برباد ٿيا، عدل ۽ انصاف جي جڳهه ظلم ورتي، اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو هوندا، قوم جي ڏکن جو مداوو هوندا.